تازہ ترین

شڪارپور ۾ قبيلائي ويڙهاند چئن ڄڻن جون حياتيون کسي ورتيون

ٽول پلازه ڀرسان ڳڙھي ياسين موڙ اڇي مسجد وٽ هٿياربندن ڪار مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا

شڪارپور (ويب ڊيسڪ) شڪارپور ۾ قبيلائي ويڙهاند چئن ڄڻن جون حياتيون کسي ورتيون.

ٽول پلازه ڀرسان ڳڙھي ياسين موڙ اڇي مسجد وٽ هٿياربندن ڪار مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، گوليون لڳڻ سبب 4 ڄڻا مارجي ويا.

مارجي ويلن ۾ نور محمد سندراڻي، نظام احمد سندراڻي، آدم سندراڻي ۽ ڪار ڊرائيور رسول بخش معرفاڻي شامل.

ذريعن جو چوڻ آهي ته بروهي- سندراڻي تڪرار هلندڙ هو، واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آهي.

گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار پاران واقعي جو نوٽيس، ايس ايس پي شڪارپور کان واقعي جا شروعاتي تفصيل طلب.

صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جو چوڻ آهي ته اثرائتي جاچ ڪري جوابدارن کي جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.