رپورٽ جي روشني ۾ اسيمبلي اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي پگهارن ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويندو
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جِي پگهارن ۾ واڌ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، اسپيڪر ۽ چيئرمين سينيٽ کان رپورٽ طلب.
ذريعن جو چوڻ آهي ته رپورٽ جي روشني ۾ قومي اسيمبلي اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي پگهارن ۾ واڌ جو فيصلو ٿيندو.