تازہ ترین

ايٽمي معاهدو نه ٿيڻ تي آمريڪا حملو ڪيو ته آمريڪي اڏن کي نشانو بڻائينداسين: ايران

اميد آهي ته صورتحال ان تائين نه پهچندي ۽ ڳالهين جا هاڪاري نتيجا سامهون ايندا: ايراني پرڏيهي وزير

تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ايران امڪاني حملي سبب ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته ايٽمي معاهدو نه ٿيڻ تي آمريڪا حملو ڪيو ته آمريڪي اڏن کي نشانو بڻائينداسين.

ايراني بچاءَ واري وزير عزيز ناصر زادي چيو آهي ته اميد آهي ته صورتحال ان تائين نه پهچندي ۽ ڳالهين جا هاڪاري نتيجا سامهون ايندا.

پر جيڪڏهن ائين نه ٿيو ۽ اسان جي مٿان جنگ مڙهي وئي ته دشمني جو نقصان ايران جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندو.

ايراني بچاءَ واري وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايران تي حملي جي صورت ۾ آمريڪا کي هن خطي مان  نڪرڻو پوندو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.