تازہ ترین

ڀارت ۾ دهشتگردي جو ڪو واقعو ٿئي ٿو، ثبوت هجي يا نه ان کي جنگ سمجهيو ويندو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

سنڌ طاس معاهدي جي هڪ طرفي معطلي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي: آمريڪي قانون سازن سان ملاقات ۾ ڳالهيون

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته ڀارت ۾ دهشتگردي جو ڪو واقعو ٿئي ٿو، ثبوت هجي يا نه ان کي جنگ سمجهيو ويندو آهي.

سنڌ طاس معاهدي جي هڪ طرفي معطلي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، 24 ڪروڙ پاڪستانين لاءِ پاڻي بند ڪرڻ جو اشارو هڪ وجودي خطرو آهي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جون آمريڪي قانون سازن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن ڀارت اهو قدم کنيو ته جنگ جي اعلان برابر هوندو.

هن چيو ته ڀارت آبي وسيلن کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي روايت قائم ڪري رهيو آهي.

مسئلن کي حل ڪرڻو آهي ته ڀارت کي اهڙين پاليسين کان روڪيو وڃي جو خطي ۽ دنيا لاءِ عدم استحڪام جو سبب بڻجي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.