تازہ ترین

سنڌ سرڪار طرفان ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙيون ڪندڙن تي ڳرا ڏنڊ هڻڻ جو فيصلو

گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جي صدارت هيٺ موٽر وهيڪلز جي ضابطن ۾ ترميمن بابت اجلاس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار طرفان ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙيون ڪندڙن تي ڳرا ڏنڊ هڻڻ جو فيصلو.

سنڌ جي قانون ۽ گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جي صدارت هيٺ موٽر وهيڪلز جي ضابطن ۾ ترميمن بابت اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ ڪمرشل ۽ غير ڪمرشل گاڏين جي فٽنيس کي لازمي بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

گاڏين جي فٽنيس ٿرڊ پارٽي ذريعي ٿيندي، چئن سيٽن واري رڪشائن تي مڪمل پابندي لاڳو ڪرڻ لاءِ ترميمن جي منظوري ڏني وئي.

گهرو وزير جو چوڻ آهي ته روڊ تي هڪ کان ٻه سيٽن واري رڪشائن جي اجازت هوندي.

گهرو وزير جو چوڻ آهي ته ون وي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ سرڪاري گاڏين تي 2 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو.

رانگ وَي موٽرسائيڪل هلائيندڙن تي 25 هزار رپيا چالان هوندو، فور وهيلر طرفان ون وي جي ڀڃڪڙي تي هڪ لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.