اسرائيلي فوج پاران لبنان ۾ حزب الله جي ٺڪاڻڻ تي به اسرائيلي فوج جا حملا
غزا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) غزا ۾ پناهگير ڪئمپن ۽ ال اهليٰ اسپتال تي اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ 50 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
لبنان ۾ حزب الله جي ٺڪاڻڻ تي به اسرائيلي فوج جا حملا جاري، ڪيتريون ئي عمارتون تباهه ٿي ويون، جاني نقصان جو خدشو.
حماس اڳواڻ خليل الحيا جو چوڻ آهي ته حماس آمريڪي نمائندي جي تجويزن کي رد ناهي ڪيو، ڪجهه تبديلين جو مطالبو ڪيو هو.
حماس اڳواڻ خليل الحيا جو وڌيڪ چوڻ هو ته حماس جنگبندي ڳالهين جي نئين دور ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهي.