ڀارت بي ايل اي ۽ ٽي ٽي پي جي سپورٽ ڪري رهي آهي: مڊل ايسٽ انسٽيٽيوٽ کي خطاب
واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته ڀارت بلوچستان ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي.
ڀارتي ڳجھي ايجنسي را بي ايل اي ۽ ٽي ٽي پي جي سپورٽ ڪري رهي آهي، ڇا ان جو مطلب اهو آهي ته هر دهشتگردي کان پوءِ اسان ڀارت سان جنگ ڪريون؟
بلاول ڀٽو زرداري واشنگٽن ۾ مڊل ايسٽ انسٽيٽيوٽ کي خطاب ڪندي چيو ته ڀارت 24 ڪروڙ پاڪستانين جي پاڻي واري حق تي حملو ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته ڀارتي حڪومت ايندڙ نسلن کي پاڻي تي جنگ ڪرڻ تي مجبور ڪري رهي آهي، ڪنهن به ملڪ جو پاڻي روڪڻ وارو قدم ڪنهن به صورت ۾ قبولڻ جوڳو ناهي.
پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ڪشمير عالمي تڪرار آهي، پاڪستان پهلگام واقعي جي اڻ ڌري عالمي جاچ جي آڇ ڪئي.
ڀارت آڇ جو هاڪاري جواب ڏيڻ بدران اڳرائيءَ جو رستو اختيار ڪيو، ڪشمير مسئلي جي حل کان سواءِ خطي ۾ امن جو قيام ممڪن ناهي.
بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته تڪرارن تي ڳالهيون نه ٿينديون ته مسئلا حل ڪيئن ٿيندا؟ گڏيل قومن سميت عالمي برادري کي ڀارت خلاف سخت موقف اختيار ڪرڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته ڀارت کي سمجهڻو پوندو ته ڳالهيون ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهن، ڀارت بي ايل اي جهڙين دهشتگرد تنظيمن کي سپورٽ ڪري رهيو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته هاڻي جيڪڏهن پاڪستان ۽ ڀارت ۾ جنگ لڳي ته آمريڪي صدر وٽ ان کي روڪرائڻ جي مهلت به نه هوندي.