گمبٽ جي گلشن رحيم ڪالوني ۾ 7 ڏينهن اڳ بجلي جي شارٽ سرڪٽ دوران بيٽري ڦاٽي هئي
گمبٽ (ويب ڊيسڪ) گمبٽ ۾ 7 ڏينهن اڳ گهر اندر بيٽري ڦاٽڻ سبب سڙي زخمي ٿيل گهرڀاتين مان وڌيڪ هڪ عورت فوت، فوتين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو.
گمبٽ جي گلشن رحيم ڪالوني ۾ 7 ڏينهن اڳ بجلي جي شارٽ سرڪٽ دوران بيٽري ڦاٽي پئي هئي.
بيٽري ڦاٽن سبب هڪ ئي گهر جا 9 گهر ڀاتي سڙي زخمي ٿيا هئا، زخمي زرينا شيخ اسپتال ۾ دم ڏنو.
فوتي عورت جو مڙهه ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، علائقي ۾ سوڳ ڇانيل.