تازہ ترین

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثا، ڄڻو حياتي وڃائي ويٺو، 24 ڄڻا زخمي

دادو-مورو روڊ، نوشهروفيروز ۾ نيشنل هاءِ وي ۽ مريد شاخ ڀرسان مسافر گاڏين سان حادثا آيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو حياتي وڃائي ويٺو، 24 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

دادو-مورو روڊ تي ڪار ۽ رڪشا وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

نوشھروفيروز ويجهو نيشنل هاءِ وي ھالاڻي ويجهو مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿي پيو، حادثي ۾ 10 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا.

مريد شاخ ڀرسان نئون روڊ اسٽاپ وٽ وين موٽرسائيڪل کي بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي، حادثي ۾ 10 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.