ملاقات ۾ حيدرآباد نياز اسٽيڊيم جي نئين سر اڏاوت سميت ٻين معاملن تي صلاحون
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان وفاقي گهرو وزير ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي ملاقات، سنڌ ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي وٺرائڻ بابت ڳالهيون
ملاقات دوران حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم جي نئين سر اڏاوت سميت ٻين معاملن تي صلاح مشورا ڪيا ويا.
حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم کي عالمي معيار موجب ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جو چوڻ آهي ته نياز اسٽيڊيم ۾ 17 سالن بعد انٽرنيشنل ميچ ٿيندي، هلندڙ سال ئي انٽرنيشنل ميچ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.