رابطي ۾ صدر پيوٽن چيو ته يوڪرين کي تازي حملي جو جواب ڏنو ويندو: آمريڪي صدر
واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو روسي هم منصب سان رابطو، روس تي يوڪريني حملي بابت ڳالهيون.
ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته رابطي ۾ صدر پيوٽن چيو ته يوڪرين کي تازي حملي جو جواب ڏنو ويندو.
پيوٽن سان ڳالهه ٻولهه چڱي رهي پر ان مان فوري امن جي اميد نٿي رکي سگهجي.
ٽرمپ جو چوڻ هو ته ايران بابت ڳالهيون ٿيون، روسي صدر به ايران سان ڳالهين ۾ شريڪ ٿيندو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ايران ايٽمي پروگرام تي معاهدو ڪرڻ ۾ دير ڪري رهيو آهي.