ملير جيل سپرنٽينڊنٽ ارشد شاهه کي معطل ڪيو ويو آهي، ڊي آءِ جي جيل حسن سهتو کي به معطل ڪيو ويو آهي: ميڊيا سان ڳالهيون
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ملير جيل واقعي تي آءِ جي جيل قاضي نذير کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي.
سينيئر صوبائي وزيرچيو ته ملير جيل سپرنٽينڊنٽ ارشد شاهه کي معطل ڪيو ويو آهي، ڊي آءِ جي جيل حسن سهتو کي به معطل ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته نئون آءِ جي جيل جلد مقرر ڪيو ويندو، وڏي وزير کي جيل واقعي تي بريفنگ به ڏني وئي آهي، ملير جيل مان فرار ٿيل قيدي معمولي ڏوهن ۾ ملوث هئا.
شرجيل ميمڻ چيو ته جيل مان فرار ٿيل 79 قيدين کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي، فرار ٿيل قيدين ۾ ڪو به خطرناڪ ڏوهاري شامل ناهي.
فرار ٿي ويل قيدي 24 ڪلاڪن اندر پاڻمرادو گرفتاري ڏين، 24ڪلاڪن اندر واپس ايندڙ قيدين خلاف سخت ڪارروائي نه ٿيندي، معاملي جي جاچ لاءِ ٻه رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي.