پاڪستان جي اعليٰ سطحي پارلياماني وفد جي اسلامي سهڪار تنظيم جي سفيرن کي پاڪ-ڀارت جنگ بابت بريفنگ
نيويارڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) اسلامي ملڪن جي تنظيم او آءِ سي ڏکڻ ايشيا ۾ خراب ٿيندڙ امن امان جي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي.
گڏيل قومن جي چارٽر، عالمي قانونن ۽ سنڌ طاس معاهدي سميت ٻين معاهدن جي احترام تي زور.
پاڪستان جو اعليٰ سطحي پارلياماني وفد گڏيل قومن ۾ اسلامي سهڪار تنظيم جي سفيرن کي پاڪ-ڀارت جنگ ۽ ان کان پوءِ جي صورتحال بابت آگاهي ڏني.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو واضح ڪيو ته ڀارت الزام هڻڻ ۾ تڪڙ ڪئي ۽ غيرقانوني فوجي ڪاررواين جو جواز بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيو.
هن چيو ته ڀارتي حملن ۾ عام شهرين ۽ شهري ڍانچي کي نشانو بڻايو ويو، ڀارت پاڻي کي پاڪستان خلاف هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو ته اهڙي ورتاءَ کي معمول بڻجڻ نه ڏنو ويندو، ڀارت جي جنگي اڳراين سبب ڏکڻ ايشيا جي امن ۽ سلامتي تي خطرناڪ اثر پئجي رهيا آهن.