وزيراعظم پاران ديامر ڀاشا ڊيم جهڙن منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ديامر ڀاشا ڊيم ۽ ٻين پاڻي وسيلن بابت اجلاس.
وزيراعظم شهباز شريف پاران ديامر ڀاشا ڊيم جهڙن منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت.
وزيراعظم شهبازشريف جو چوڻ آهي ته پاڻي ذخيرا وڌائڻ لاءِ نوان ڊيم ٺاهڻ ضروري آهن، زراعت لاءِ پاڻي فراهمي ۽ ٻوڏ جي روڪٿام لاءِ نوان ڊيم اڻٽر آهن.
وزيراعظم شهباز شريف جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جي معيشت جو دارو مدار سستي بجلي ۽ زراعت تي آهي.