تازہ ترین

ملير جيل مان قيدي فرار ٿيڻ واري معاملي جي جاچ ڪيون پيا: مراد علي شاهه

جيل مان ڪو وڏو دهشتگرد فرار ناهي ٿيو، فرار ٿيل قيدي پاڻمراد پيش ٿين: سنڌ جو وڏو وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ملير جيل مان قيدي فرار ٿيڻ واري معاملي جي جاچ ڪيون پيا.

ملير جيل مان ڪو به وڏو دهشتگرد فرار نه ٿيو آهي، جيل مان فرار ٿي ويل قيدي پاڻمراد پيش ٿين، قيدي واپس اچن، ٻي صورت ۾ مٿن دهشتگردي جو ڪيس داخل ٿيندو.

مراد علي شاهه چيو ته زلزلي سبب قيدي خوف جو شڪار ٿي ويا هئا، ملير جيل مان قيدين جي فرار ٿيڻ وارو معاملو ڳڻتي جوڳو آهي، جيل ۾ قيدين کي بيرڪن مان ڪڍڻ وارو فيصلو غلط هو.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تقريب کي خطاب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت 13 جون تي بجيٽ پيش ڪندي.ڍ

سنڌ جي عوام جي ڀلائي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيا آهيون، اسان سان جيڪي ماڻهو گڏ آهن، انهن ۾ عوام جي خدمت جو جذبو آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.