تازہ ترین

ڪراچي: ملير جيل ۾ زلزلي دوران نقصان کان بچڻ لاءِ بيرڪن کان ٻاهر ويهاريل 200 کان وڌيڪ قيدي فرار

80 کان وڌيڪ قيدين کي پڪڙيو ويو، زلزلي دوران نقصان کان بچڻ لاءِ قيدين کي ٻاهر ويهاريو ويو هو: جيل انتظاميا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ملير جيل ۾ زلزلي دوران نقصان کان بچڻ لاءِ بيرڪن کان ٻاهر ويهاريل 200 کان وڌيڪ قيدي فرار ٿي ويا.

80 کان وڌيڪ قيدين کي پوليس ٻيهر پڪڙي ورتو، ملير جيل انتظاميا جو چوڻ آهي ته زلزلي دوران نقصان کان بچڻ لاءِ قيدين کي بيرڪن مان ٻاهر ويهاريو ويو هو.

قيدي پوليس اهلڪارن سان هٿين پئجي ويا ۽ هٿيار کسي فائرنگ ڪئي، جنهن دوران 200 کان وڌيڪ قيدي فرار ٿي ويا.

ڊي آءِ جي جيل ڪراچي محمد حسن سهتو جو چوڻ آهي ته صورتحال هاڻي ضابطي ۾ آهي، جيل ۾ قيدين جي ڳڻپ ڪئي ويندي ته خبر پوندي ته ڪيترا قيدي فرار ٿيا.

زلزلي جي جهٽڪن دوران قيدين جو وڏو انگ بيرڪن کان ٻاهر نڪتو، قيدين ماڙي جي گيٽ به ٽوڙي ۽ جيل اهلڪارن تي تشدد ڪيو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.