فوتين جو انگ 5 ٿي ويو، گلشن رحيم ۾ يو پي ايس ڦاٽڻ سبب زخمي ٿيل فرحانه شيخ دم ڏنو
گمبٽ (ويب ڊيسڪ) گمبٽ ۾ 7 ڏينهن اڳ يو پِي ايس ڦاٽڻ سبب زخمي ٿيل عورت دم ڏئي ڇڏيو.
فوتين جو انگ وڌي 5 ٿي ويو، گلشن رحيم ڪالوني ۾ يو پي ايس ڦاٽڻ سبب زخمي ٿيل فرحانه شيخ فوت ٿي وئي.
فوتي عورت جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ان کان اڳ هڪ زخمي ٻارڙي پڻ دم ڏنو هو.