ڪانگو وائرس کان بچاءَ لاءِ سموري سنڌ ۾ 53 جانورن جي منڊي ۾ اسپري ڪيو ويو: صحت کاتو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عيدالاضحيٰ دوران ڪانگو وائرس کان بچاءُ لاءِ سنڌ ۾ مهم، صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ڪانگو وائرس کان بچاءَ لاءِ سموري سنڌ ۾ 53 جانورن جي منڊي ۾ اسپري ڪيو ويو.
ڪانگو وائرس جي خطري کي نظر ۾ رکندي 66 ڪميونٽي سيشن منعقد ڪيا ويا.
ڪانگو وائرس جانورن جي چمڙي مان پکڙجي ٿو جيڪو خطرناڪ آهي، ڪانگو وائرس مان موت جي شرح 10 کان 40 سيڪڙو تائين آهي.