پوليس گاڏي تحويل ۾ وٺي ڇڏي، نوجوان تي تشدد ڪندڙ جوابدار سرڪاري ملازم ناهي: ڊي آءِ جي ڏکڻ
ڪراچي (ويب ديسڪ) ڪراچي جي پوش علائقي خيابان اتحاد ۾ ڀينرن سامهون ڀاءُ تي تشدد ڪندڙ بااثر شخص پوليس کي هٿ نه آيو، سندس ڊرائيور ۽ سڪيورٽي گارڊ گرفتار.
پوليس گاڏي به تحويل ۾ وٺي ڇڏي، جوابدار سلمان فاروقي سندس گارڊ ۽ ٻين تي ڪيس داخل.
ڊي آءِ جي ڏکڻ جو چوڻ آهي ته نوجوان تي تشدد ۾ ملوث جوابدار سرڪاري ملازم ناهي.
سندس گرفتاري لاءِ جوابدار جي آفيس ۽ گهر تي ڇاپا هنيا ويا آهن پر هو هن وقت تائين هٿ اچي نه سگھيو آهي.