سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي جي اڪثر ضلعن ۾ موسم گرم ۽ ميداني علائقن ۾ سخت گرم رهندا
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي موجب ملڪ جي اڪثر حصن ۾ اڄ موسم خشڪ ۽ گرم رهندي.
موسميات کاتي پاران جاري پڌرائي موجب گلگت بلتستان ۾ برسات پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي جي اڪثر ضلعن ۾ موسم گرم ۽ ميداني علائقن ۾ سخت گرم رهڻ جو امڪان آهي.
گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان مينهن پوڻ جي اميد آهي ڏيکاري وئي آهي.