تازہ ترین

پڪاچانگ: مھراڻ ھاءِ وي تي بيٺل مسافر ڪوچ سان ٽرالر ٽڪرائجي ويو، هڪ فوت، ٻارڙن سميت 5 ڄڻا زخمي

مسافر بس نوشڪي کان نوابشاهه وڃي رهي هئي ته ساڻس حادثو پيش آيو، زخمي نوجوان اسپتال نيندي فوت

پڪاچانگ (ويب ڊيسڪ) پڪاچانگ ڀرسان مھراڻ ھاءِ وي دائود پل وٽ بيٺل مسافر ڪوچ مٿان ٽرالر چڙھي ويو، هڪ ڄڻو فوت، ٻارڙن سميت 5 ڄڻا زخمي.

مسافر بس نوشڪي کان نوابشاهه وڃي رهي هئي، سانگهڙ ويجهو ميرپور خاص روڊ تي ٽرالر جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل نوجوان اعتزاز لغاري نواب شاهه اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو.

پوليس ٽرالر جي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. ڪيس داخل ڪيو ويندو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.