ڪورنگي ساڍا ٽي نمبر ۾ پوليس سان مقابلي ۾ فهد عرف شوٽر ۽ عزيز نور عالم مارجي ويا
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ پوليس پاران مقابلي ۾ 2 ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ.
پوليس موجب ڪورنگي ساڍا ٽي نمبر ۾ ڏوهارين جي فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي پئي، ٻه هٿياربند فهد عرف شوٽر ۽ عزيز نور عالم مارجي ويا.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جوابدارن جي قبضي مان 2 پسٽل، 9 موبائل فون ۽ ڦر ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي.