تازہ ترین

اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم ايشين چيمپيئن به بڻجي ويو

ارشد نديم ڏکڻ ڪوريا ۾ منعقد ڪيل ايشين ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ ۾ گولڊ ميڊل کٽي ورتو

سيول (اسپورٽس ڊيسڪ) اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم ايشين چيمپيئن به بڻجي ويو.

پاڪستان جي ارشد نديم ڏکڻ ڪوريا ۾ منعقد ڪيل ايشين ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ ۾ گولڊ ميڊل کٽي هڪ ڀيرو پاڪستان جو نالو روشن ڪري ڇڏيو.

ارشد نديم ايشين ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ سڀ کان وڏي 86 ڏهائي 40 جي ٿرو ڪري فائنل پهچي گولڊ ميڊل کٽيو.

ارشد نديم جيولين ٿرو جَي پهرين رائونڊ ۾ 75 ڏهائي 64، ٻئي رائونڊ ۾ 76 ڏهائي 80، ٽئين رائونڊ ۾ 85 ڏهائي 57، چوٿين رائونڊ ۾ 83 ڏهائي 99 ۽ پنجين رائونڊ ۾ 86 ڏهائي 40 جا ٿرو ڪيا.

ڀارت جي سچن ياديو ٻيو نمبر ۽ جاپان جي شڪياما ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي.

گولڊ ميڊل ماڻڻ تي ارشد نديم جي اباڻي علائقي ۾ جشن، دهل شرناين تي ماڻهن جو رقص.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.