آءِ ايم ايف جو ڀاڻ، اسپري ۽ زرعي اوزارن تي 18 سيڪڙو ٽئڪس۽ ڊيوٽي ۾ واڌ وارو مطالبو غير منصفاڻو آهي: محمد بخش مهر
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي زراعت واري وزير زرعي شعبي تي وڌيڪ نوان ٽئڪس لڳائڻ واري مطالبي جي مخالفت ڪري ڇڏي.
زراعت جي صوبائي وزير پاران وفاق ۽ آءِ ايم ايف کي زرعي شعبي تي وڌيڪ نوان ٽئڪس لڳائڻ کان پاسو ڪرڻ جي درخواست.
صوبائي وزير محمد بخش مهر چيو ته آءِ ايم ايف جو ڀاڻ، اسپري ۽ زرعي اوزارن تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي۽ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ واڌ وارو مطالبو انتهائي غير منصفاڻو آهي.
هن چيو ته آبادگار ۽ هاري اڳ ئي موسمي تبديلين، پاڻي جي کوٽ ۽ گهٽ قيمتن سبب اڳ ئي بدحاليءَ جو شڪار آهن.
محمد بخش مهر وڌيڪ چيو ته وفاق آءِ ايم ايف کي زرعي شعبي جي اھميت کان آگاهه ڪري، اسان اهڙي مطالبي جِي مخالفت ڪريون ٿا.