رات دير سان ٽنڊو مستي بهارو پل وٽ هٿياربندن اي ٽي سي جج لاڙڪاڻو جي اسڪواڊ تي فائرنگ ڪئي: پوليس
گمبٽ (ويب ڊيسڪ) گمبٽ ويجهو خيرپور-لاڙڪاڻو لنڪ روڊ تي اي ٽي سي جج جي اسڪواڊ تي حملو، هڪ پوليس اهلڪار شهيد، 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا.
پوليس جو چوڻ آهي ته رات دير سان ٽنڊو مستي بهارو پل وٽ هٿياربندن اي ٽي سي جج لاڙڪاڻو جي اسڪواڊ تي فائرنگ ڪري ڏني.
فائرنگ سبب جج جي اسڪواڊ ۾ شامل پوليس اهلڪار مقبول شيخ شهيد ٿي ويو جڏهن ته پوليس اهلڪار اقبال ملاڻو ۽ صغير احمد زخمي ٿي پيا.
پوليس واقعي واري هنڌ پهچي شهيد اهلڪار ۽ زخمي اهلڪارن کي کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، واقعي جي جاچ جاري.