ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ آمريڪي واپار ي نمائندي جي وڊيو ڪانفرنس ذريعي ڳالهه ٻولهه
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آمريڪا گڏيل ٽيرف تي باضابطا ڳالهين جي شروعات ڪري ڇڏي.
ناڻي واري وفاقي وزير ۽ آمريڪي واپار ي نمائندي وڊيو ڪانفرنس ذريعي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ڌرين تعميري ماحول ۾ پنهنجي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ٽيڪنيڪي سطح تي تفصيلي ڳالهين تي اتفاق ڪيو ويو.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ هو ته ڌريون ڳالهين کي جلد ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.