روزاني ”سوڀ“ جي نيوز ايڊيٽر الطاف احمد ڏهراج، ”سوڀ“مئنيجر نفيس احمد جوڻيجو ۽ ٻين حيدرآباد آفيس ۾ ڪيڪ ڪاٽيو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صحافت جي دنيا ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرائيندڙ روزاني ”سوڀ“ جي 21 هين ۽ ڌرتي ٽي وي جي 17 هين سالگرهه حيدرآباد آفيس ۾ پڻ شاندار نموني ملهائي وئي.
روزاني ”سوڀ“ جي نيوز ايڊيٽر الطاف احمد ڏهراج، ”سوڀ“مئنيجر نفيس احمد جوڻيجو، سينيئر مارڪيٽنگ مئنيجر حيدرآباد سيف سميجو.
سينيئر سب ايڊيٽر سيد مراد علي شاهه بڪيرائي، سڄڻ ملڪ، امين لاکو، نصير چنا، سجاد لغاري، شهزاد نوناري، ڌرتي ٽي وي جي بيورو چيف جهانگير سهڙو ۽ ٻين گڏجي ڪيڪ ڪاٽيو.
”سوڀ“ سٿ جي ساٿين جو چوڻ هو ته روزاني ”سوڀ“ هميشه غريب ۽ مسڪين ماروئڙن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچايو آهي،
”سوڀ“ جي شاندار ڪاميابي ۾ ورڪرن جو پڻ وڏو ڪردار شامل آهي.