پاڪستان پهلگام واقعي تي ڀارت کي آزاد جاچ جي آڇ ڪئي هئي: چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت 22 اپريل کان پوءِ اڳ واري صورتحال تي واپس اچي ويا آهن.
هن چيو ته مستقبل ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي سگهي ٿي، پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ مستقبل ۾ ڪنهن وڏي خطري جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿي.
چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا جو پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي چيو ته پاڪستان پهلگام واقعي تي ڀارت کي آزاد جاچ جي آڇ ڪئي هئي.
ڀارت بنا ڪنهن ثبوت جي سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، هن ڀيري پاڪستان ۽ ڀارت ڇڪتاڻ عالمي سرحد تي پهچي وئي هئي، ٻئي ملڪ سرحدن تي فوجين جو انگ گهٽائي رهيا آهن.