جوابدار فريد حاصلو کي راڌڻ ويجهو ڳوٺ سنڌي ٻٽڙا مان گرفتار ڪيو ويو آهي: پوليس
قمبر (ويب ڊيسڪ) قمبر ۾ ماسترياڻي صدف حاصلو جي قتل ۾ گهربل جوابدار پوليس هٿان گرفتار.
پوليس موجب جوابدار فريد حاصلو کي راڌڻ ويجهو ڳوٺ سنڌي ٻٽڙا مان گرفتار ڪيو ويو آهي.
سنڌ پوليس جوابدار جو اطلاع ڏيندڙ لاءِ 25 لک رپيا انعام مقرر ڪيو هو.
گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران جوابدار کي ٽيڪانالاجيءَ وسيلي گرفتار ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو هو.
گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ لاڙڪاڻو ۾ ٻڌڻيءَ دوران آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ڪيس سان لاڳاپيل ماڻهو عدالت ۾ پيش ٿيا هئا.