سيد سردار شاهه ۽ صوبائي وزير سعيد غني طرفان ڌرتي ٽي وي جي 17هين سالگرهه تي سٿ کي واڌيون
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، تعليم واري وزير سيد سردار شاهه ۽ صوبائي وزير سعيد غني طرفان ڌرتي ٽي وي جي 17هين سالگرهه تي سموري سٿ کي واڌيون.
سنڌ جي گورنر جو چوڻ آهي ته ڌرتي ٽي وي ثابت قدمي ۽ هاڪاري خبرن سان 17 سال مڪمل ڪيا آهن.
سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته ڌرتي ٽي وي آزادي صحافت لاءِ ڪردار ادا ڪندي رهندي.
سيد سردار شاهه چيو ته اميد آهي ته ڌرتي ٽي وي پنهنجي ماڻهن جي مالڪي ۽ انهن جي ڏکن سورن کي اجاگر ڪندي رهندي.