استاد پاڪستان جو سڀ کان قيمتي ۽ عظيم اثاثو، ايندڙ نسلن جي ڪردار سازي سندن ذميواري آهي: ڳالهيون
راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڻي پاڪستان جي ريڊ لائن آهي، پاڪستان ڀارت جي ڏاڍ مڙسي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو.
استاد پاڪستان جو سڀ کان وڏو قيمتي ۽ عظيم اثاثو آهن، ايندڙ نسلن جي ڪردار سازي استادن جي ذميواري آهي.
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير مختلف يونيورسٽين جي وي سيز ۽ استادن سان ڳالهائيندي چيو ته استادن کي ايندڙ نسلن کي پاڪستان جي ڪهاڻي بيان ڪرڻي آهي.
هن چيو ته ڪشمير جو ڪو به سودو ممڪن ناهي، ڪشمير کي ڪڏهن وساري نٿا سگهون، ڀارت کي خبر هجڻ گهرجي ته پاڪستان ڪشمير کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندو.
فيلڊ مارشل چيو ته حق جي جنگ ۾ رب تعاليٰ هر طرف کان پاڪستان جي مدد ڪئي، قوم رڪ جي ڀت بڻجي وڃي ته ان کي ڪير به ڊاهي نه سگهندو.