پاڪستان ڪرپٽو کي قانوني ڪرنسي نه بڻائڻ جو موقف تبديل ڪري ورتو: بلال بن ثاقب
اسلام آباد (نيشنل ديسڪ) پاڪستان ڪرپٽو کي قانوني ڪرنسي نه بڻائڻ جو موقف تبديل ڪري ورتو، بِٽ ڪوائن ريزرو قائم ڪرڻ جو فيصلو.
ڪرپٽو ڪائونسل جي سربراهه بلال بن ثاقب جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرپٽو کي قانوني ڪرنسي نه بڻائڻ جو موقف تبديل ڪري ورتو ۽ آمريڪا جي پيروي ڪندي حڪومت بِٽ ڪوائن اسٽريٽجڪ ريزرو قائم ڪري رهي آهي.
مئي ۾ بِٽ ڪوائن کاڻيون کوٽيندڙن ۽ اعليٰ ڪارڪردگي وارن ڪمپيوٽنگ ڊيٽا سينٽرز لاءِ 2 هزار ميگا واٽ اضافي توانائي مختص ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.