سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ڪي اليڪٽرڪ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ بابت ڪي اليڪٽرڪ کان تفصيلي رپورٽ طلب.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ڪي اليڪٽرڪ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت طرفان اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ تي ڪاوڙ جو اظهار، درخواستگذار جو چوڻ آهي ته وقت سر بل ادا ڪرڻ باوجود ڊگهي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.
عدالت ڪي اليڪٽرڪ جي اختيارين کان پوري شهر ۾ لوڊشيڊنگ جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي.