تازہ ترین

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران صدف حاصلو قتل ڪيس جي جوابدار کي ٽيڪنالاجي وسيلي گرفتار جو حڪم

عدالت ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري جاويد علي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب ۽ بيا پيش

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جو پرائمري اسڪول ماسترياڻي صدف حاصلو قتل ڪيس جي جوابدار پوليس اهلڪار کي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ٽريس ڪري گرفتار ڪرڻ جو حڪم.

عدالت ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري جاويد علي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.

ٻڌڻي بعد فريادي ڌر جي وڪيل بهادر شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس عدالت ۾  ڪيس ۾ اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي.

عدالت کي ٻڌايو ويو ته ٻن جوابدارن فراز حاصلو ۽ شڪيلا حاصلو کي گرفتار ڪيو ويو آهي، صدف حاصلو جي ڀيڻ شمشاد خاتون جو چوڻ آهي ته کين عدالت مان انصاف جي اميد آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.