سنڌ حڪومت جديد هٿيارن جي خريداري لاءِ 3 ڏهائي 4 ارب رپيا ڏنا آهن: غلام نبي ميمڻ
لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته امن امان سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس جي ترجيج آهي.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت جديد هٿيارن جي خريداري لاءِ 3 ڏهائي 4 ارب رپيا ڏنا آهن.
هن چيو ته پوليس ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري ٿي ته ري ايڪشن ۾ اهي ويڊيو وائرل ڪري روڊن تي اچي ڦرلٽ ڪندا آهن پر سنڌ پوليس ڪنهن به صورت ۾ امن امان تي سوديبازي نه ڪندي.
آءِ جي سنڌ چيو ته صدف حاصلو ڪيس جي انڪوائري ڊي آءِ جي سکر ڪري رهيو آهي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جي سربراهي ۾ پوليس ٽيم جوڙي ڇڏي آهي
هن چيو ته مک جوابدار فريد حاصلو جي گرفتاري لاءِ پوليس طرفان 25 لک روپيا انعام جو اعلان ڪيو ويو آهي.