مون کي سياسي رستي تان ھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: شهريار شر
ميرپور ماٿيلو (ويب ڊيسڪ) ايم پي اي ڄام مھتاب ڏھر تي حملي ڪيس جو فيصلو محفوظ.
ميرپور ماٿيلي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل مڪمل ڪري ورتا، شهريار شر عدالت ۾ پيش ٿيو.
ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريار شر جو چوڻ هو ته کيس سياسي رستي تان ھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، عدالت مان انصاف جي اميد آھي.