چيني ڪميونسٽ پارٽي سان لاڳاپيل شاگردن جون ويزائون رد ڪيون وينديون: مارڪو روبيو
واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪا چيني شاگردن جون ويزائون رد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جو چوڻ آهي ته آمريڪا چيني شاگردن جون ويزائون رد ڪندو.
مارڪو روبيو جو چوڻ هو ته چيني ڪميونسٽ پارٽي سان لاڳاپيل شاگردن جون ويزائون رد ڪيون وينديون.
هن وڌيڪ چيو ته آمريڪي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ اهم شعبن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ چيني شاگردن جون به ويزائون رد ڪيون وينديون.