ڇتو چنڊ ۾ درزڪي دڪان مان چوري خلاف ڳوٺاڻا ٺٽو-حيدرآباد مين قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا
ٺٽو (ويب ڊيسڪ) ٺٽي ۾ ڳوٺاڻن جو بدامني خلاف قومي شاهراهه تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.
ڇتو چنڊ ۾ درزي جي دڪان مان چوري خلاف ڳوٺاڻن ٺٽو-حيدرآباد مين قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا.
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته چور درزڪي دڪان کي کاٽ هڻي سمورا ڪپڙا کڻي ويا، چوري ٿيل ڪپڙا واپس ڪرائي بدامني تي ضابطو آندو وڃي.