مسافر ڪوچ کي باهه لڳڻ بعد سمورا مسافر معجزاڻي طور محفوظ رهيا: پوليس
رحيم يار خان (نيشنل ڊيسڪ) رحيم يار خان ڀرسان اقبال آباد ويجھو موٽروي تي مسافر ڪوچ کي باهه وڪوڙي وئي.
مسافر ڪوچ کي باهه لڳڻ بعد ڄاڻايل مسافر ڪوچ ۾ سوار سمورا مسافر معجزاڻي طور محفوظ رهيا.
موٽروي پوليس جو چوڻ آهي ته اي سي مان لڳل باهه لڳڻ سبب مسافر ڪوچ مڪمل طور سڙي وئي، خوش نصيبيءَ سان ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو.