حادثي ۾ ڊمپر جو ڊرائيور ۽ ڪلينر زخمي ٿيا آهن جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو: پوليس
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي علائقي ڊفينس موڙ ويجھو تيز رفتار ڊمپر ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ويجھي بنگلي جي ڀِت ٽوري بنگلي ۾ داخل ٿي ويو.
پوليس موجب ڊمپر جي ٽڪرائڻ سبب بنگلي جي ٻاهرين ڀت کي نقصان پهتو، جڏهن ته ڊمپر ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڊرائيور موجب ڊمپر جي بريڪ فيل ٿي وئي هئي جنهن سبب هو قابو مان نڪري بنگلي جي ڀِت سان ٽڪرائجي ويو.
ٽريفڪ پوليس اهلڪارن موجب حادثي ۾ ڊمپر جو ڊرائيور ۽ ڪلينر زخمي ٿيا آهن جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.