آمريڪي نائب پرڏيهي وزير مائيگريشن ۽ اينٽي نارڪوٽڪس سهڪار وڌائڻ تي پڻ زور ڀريو
واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪا ڀارت کان علائقائي استحڪام ۽ امن برقرار رکڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
واشنگٽن ۾ ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري وڪرم مصري جي آمريڪي نائب پرڏيهي وزير ڪرسٽوفر لنزاوا سان ملاقات ٿي.
ڪرسٽوفر لنزاوا آمريڪا ۽ ڀارت جي وچ ۾ ويجھي ڀائيواري جاري رکڻ جي ارادي جو اظهار ڪيو ۽ ڀارت مان مارڪيٽ تائين رسائيءَ جو مطالبو ورجايو.
آمريڪي نائب پرڏيهي وزير مائيگريشن ۽ اينٽي نارڪوٽڪس سهڪار وڌائڻ تي پڻ زور ڀريو.
ياد رهي ته ڀارت جي پرڏيهي سيڪريٽري 27 مئي کان 3 ڏينهن جي دوري تي آمريڪا پهتل آهي.