پنهنجي خودمختياري، وقار ۽ مستقبل جي تحفظ تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪنداسين: پيغام
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته پاڪستان جي ايٽمي طاقت ايندڙ نسلن لاءِ هڪ مضبوط ڍال آهي.
پنهنجي خودمختياري، وقار ۽ مستقبل جي تحفظ تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪنداسين، يوم تڪبير فخر جو ڏينهن ۽ قوم جي لازوال عزم جو اهڃاڻ آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو يوم تڪبير جي موقعي تي پيغام، سندس چوڻ هو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور انديشي، بي مثال جرئت پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻائڻ جو خواب ڏيکاريو.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو دانائي ۽ بصيرت سان جوهري پروگرام کي محفوظ رکيو ۽ اڳرائي کي يقيني بڻايو، ايٽمي دفاع شهيدن جي امانت ۽ انهن جي بي مثال قربانين جي علامت آهي.