ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو
باڪو (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي آذربائيجان جي صدر سان ملاقات، ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياسي، اقتصادي، دفاعي ۽ ثقافتي سهڪار تي اطمينان جو اظهار.
وزيراعظم پاران آذربائيجان جي آزادي جي موقعي تي صدر ۽ عوام کي مبارڪباد پيش ڪئي وئي.
وزيراعظم ڀارت سان ڇڪتاڻ دوران پاڪستان جي حمايت تي صدر جا ٿورا مڃيا.
ن موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آذربائيجان جي عوام جو پاڪستاني عوام سان لازوال تعلق آهي، ٻنهي ملڪن هميشه هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي.