تازہ ترین

ماهره خان لنڊن ۾ نئين فلم جي پروموشن دوران حراسانيءَ جو شڪار

اداڪارا سان نئين ايندڙ فلم لو گرو جي پروموشن دوران اوباش نوجوانن جي ڇيڙڇاڙ

لنڊن (شوبز ڊيسڪ) ماهره خان سان لنڊن ۾ پنهنجي نئين ايندڙ فلم لو گرو جي پروموشنل ايوينٽ دوران اوباش نوجوانن جي ڇيڙڇاڙ، اداڪارا کي حراسان ڪيو ويو.

پاڪستان جي مشهور اداڪارا ماهره خان کي لنڊن جي علائقي الفورڊ ۾ واقع انڊوپاڪ سپر مارڪيٽ ۾ پنهنجي ايندڙ فلم لو گرو جي هڪ پروموشنل ايوينٽ ۾ حراسان ڪرڻ جو واقعو پيش آيو.

ماهره خان همايون سعيد سان ايوينٽ ۾ شريڪ ٿي، پر ان دوران سيڪيورٽي جي خراب انتظامن سبب ماڻهن جي ميڙ تي قابو اچي نه سگھيو ۽ اتي موجود چند ماڻهن اداڪارا کي حراسان ڪيو.

اداڪارا اسٽور ۾ داخل ٿي رهي هئي ته موقعي تي موجود اوباش نوجوانن کيس نامناسب انداز ۾ ڇهيو، جنهن تي ماهره خان پريشان ٿي وئي ۽ روئڻهارڪي ٿي وئي.

هي واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن اسٽور جي ڇت تي وڃي مداحن کي هٿ لوڏي کيڪار ڪرڻ وڃي رهي هئي، جيڪو ان ايوينٽ جو حصو هو.

واقعي بعد سوشل ميڊيا تي سامهون ايندڙ وڊيو ۾ ماهره ۽ همايون سعيد کي ڇت تان هٿ لوڏيندي مداحن کي کينڪار ڪندي ڏسي سگھجي ٿو.

ياد رهي ته اداڪارا ماهره خان ۽ همايون سعيد جي نئين فلم لو گرو 6 جون تي سئنيما گھرن ۾ رليز ڪئي ويندي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.