تازہ ترین

ڀارتي بهار ۾ نچڻ واري گروپ گھوٽ کي شاديءَ جي منڊپ مان اغوا ڪري ورتو

پوليس ڪارروائي ڪري 9 ڪلاڪن جي جاکوڙ کان پوءِ گھوٽ کي بازياب ڪرائي ورتو

بهار (انٽريسٽنگ ڊيسڪ) ڀارتي رياست بهار ۾ شاديءَ دوران نرالو واقعو پيش آيو جنهن ۾ منڊپ مان گھوٽ کي اغوا ڪيو ويو، پوليس ڪارروائي ڪري 9 ڪلاڪن کان پوءِ کيس بازياب ڪرائي ورتو

بهار جي ضلعي گوپال گنج ۾ هڪ شادي تقريب ۾ واقعو پيش آيو، جڏهن گھوٽ کي شاديءَ جي منڊپ مان ڊانس گروپ اغوا ڪري ورتو.

سونو ڪمار شرما جي شادي تقريب ۾ مقامي روايت موجب نچڻ جي محفل سجائي وئي هئي، جنهن ۾ کدڙن فقيرن تي ٻڌل هڪ گروپ پرفارم ڪيو.

رات جو دير تائين شاديءَ جون رسمون مڪمل ٿي چڪيون هيون ۽ ڃاڄي نچي ڪُڏي رهيا هئا ۽ محفل جو مزو وٺي رهيا هئا.

ان دوران جڏهن ناچ ڪندڙن پروگرام ختم ڪرڻ چاهيو ته ڪجھه مهمانن ان تي اعراض ڪيو ۽ جھيڙو شروع ٿي ويو.

ڳالهه ڳالهائڻ کان وڌيڪ هٿين پوڻ تائين پهچي وئي ۽ هڪ رقاصه مسڪان زخمي ٿي پئي جنهن کي اسپتال نيو ويو.

زخمي مسڪان وڌيڪ ماڻهو طلب ڪيا، رات لڳ ڀڳ 2 وڳي هڪ گاڏي ۾ ماڻهو آيا ۽ شادي تقريب تي حملو ڪري گھوٽ کي يرغمال بڻائي پاڻ سان گڏ کڻي ويا.

واقعي بعد گھوٽ جا وارث پريشان ٿي ويا ۽ هنن پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس لڳ ڀڳ 9 ڪلاڪن جي ڪوشش کان پوءِ گھوٽ کي آزاد ڪرائي ورتو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.