منصوبي جو مقصد اضافي بجلي کي منافعي وارو بڻائڻ، هاءِ ٽيڪ ملازمتون پيدا ڪرڻ: ناڻي واري وزارت
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) بٽ ڪوائن مائننگ ۽ اَي آءِ ديٽا سينٽرز کي ترقي ۽ هٿي ڏيڻ لاءِ 2 هزار ميگا واٽ بجلي مختص ڪرڻ جو اعلان.
ناڻي واري وزارت جي بيان موجب منصوبي جو مقصد اضافي بجلي کي منافعي وارو بڻائڻ، هاءِ ٽيڪ ملازمتون پيدا ڪرڻ، اربين ڊالرن جي پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ حڪومتي آمدني ۾ واضح واڌ ڪرڻ آهي.
محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته هي اسٽريٽجڪ قدم پاڪستان جي ڊجيٽل تبديلي جي سفر ۾ اضافي توانائي کي جدت، سيڙپڪاري ۽ عالمي آمدني ۾ تبديل ڪري اقتصادي صلاحيتن مان ڀرپور فائدي ۾ مددگار ثابت ٿيندو.