ايف بي آر ۾ ڊجيٽائزيشن جاري، ٽيڪس نظام ۽ توانائي سميت ٻين شعبن ۾ سڌارا آندا پيا وڃن: خطاب
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ايف بي آر ۾ انساني مداخلت گهٽ ٿيڻ سان شفافيت ايندي.
ايف بي آر ۾ ڊجيٽائزيشن جو عمل جاري آهي، ٽيڪس نظام ۽ توانائي سميت ٻين شعبن ۾ سڌارا آندا پيا وڃن.
هن چيوته پگهاردار طبقي تي بار گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، حڪومت پينشن سڌارن تي به ڪم ڪري رهي آهي، قرضن جي ادائيگي جو بار گهٽائڻ جي اميد آهي.
محمد اورنگزيب تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جا معيشت تي بهتر اثر پيا آهن.
هن وڌيڪ چيوته دنيا پاڪستان جي معاشي بهتري جو اعتراف ڪري رهي آهي، دنيا پاڪستان جي معاشي بهتري جي رفتار تي حيران آهي.