آءِ جي سنڌ، مڙني ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن، ٽرانسپورٽ ۽ ٽريفڪ پوليس جي اعليٰ آفيسرن کي هدايتون
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عيدالاضحيٰ جي موقعي تي مسافرن کان واڌو ڀاڙو وٺڻ خلاف سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي مهم جي شروعات.
آءِ جي سنڌ، مڙني ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن، ٽرانسپورٽ ۽ ٽريفڪ پوليس جي اعليٰ آفيسرن کي هدايتون جاري.
شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته عيد جو موقعو پنهنجن سان گڏ گذارڻ لاءِ هوندو آهي ۽ ڪنهن کي به اهو حق ناهي ته هو عوام جي مجبوريءَ مان فائدو وٺي.
واڌو ڀاڙو وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ترت ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪئي وڃي، اهڙن ٽرانسپورٽرن تي ڏنڊ، لائسنس معطلي ۽ روٽ پرمٽ رد ڪرڻ جا قدم کنيا ويندا.