نوحاڻي برادري جي ماڻهن، قومپرست، سياسي سماجي ڌرين مارچ ڪري ايس ايس پي آفيس آڌو ڌرڻو هنيو
ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) ڄامشوري ۾ ڦورن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل معصوم نينگري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مارچ ۽ ڌرڻو.
مقتولا سدرا نوحاڻي جي وارثن، نوحاڻي برادري جي ماڻهن سميت قومپرست، سياسي سماجي ڌرين احتجاجي مارچ ڪري ايس ايس پي آفيس آڌو ڌرڻو هنيو.
اڳواڻن مطالبو ڪيو ته شورا ڳوٺ ۾ 24 ڏينهن اڳ ڦورن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل سدرا نوحاڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.