چين پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ هر امڪاني سهڪار فراهم ڪندو
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ)چين تازو ئي پاڪ-ڀارت فوجي ٽڪراءَ کان پوءِ پاڪستان کي پنهنجو مضبوط دوست قرار ڏيندي واضح ڪيو آهي ته چين پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ هر امڪاني سهڪار فراهم ڪندو.
پاڪ چين ڀائيواري نه رڳو ڏکڻ ايشيا ۾ توازن کي قائم رکندي پر خطي ۾ امن ۽ مضبوطيءَ جي ضمانت به بڻجندي.
”چين پاڪستان مضبوط دوست“ گڏيل دفاعي ڀائيواري جي شڪل اختيار ڪري ويو، جي -10 سي جهازن جي ڪاميابي تي عالمي طاقتون حيران.
بيجنگ طرفان اهو به واضح پيغام ڏنو ويو آهي ته چين سان هٿ چراند نه ڪئي وڃي، چين جي دفاعي ٽيڪنالاجي ۽ پاڪستان سان فوجي ڀائيواري پاڪ-ڀارت ويڙهه دوران دنيا کي حيران ڪيو آهي.
چيني پرڏيهي پاليسيءَ جي ماهر ۽ سينٽر فار چائنا اينڊ گلوبلائيزيشن جي نائب صدر، وڪٽر زيڪائي گائو ان ٽڪراءَ کي نه رڳو چين-پاڪستان جي لاڳاپن جي مضبوطيءَ جو ثبوت قرار ڏنو پر عالمي سطح تي چين جي دفاعي سرسي جي اعتراف طور به پيش ڪيو.
وڪٽر زيڪائي گائو موجب پاڪستاني فضائيه هن ڀيري جيڪو جنگي سازو سامان استعمال ڪيو اهو گھڻو ڪري چين جو تيار ڪيل يا پاڪ چين ڀائيواري سان ٺاهيو ويو آهي.
جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عملي فوجي سهڪار جي اونهائي واضح ٿي ٿئي، وڪٽر زيڪائي گائو مون چين جا جي-10 سي جهازن جي ڪارڪردگيءَ يورپ ۽ روس جي جديد ويڙهاڪ جهازن کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.